سنڌ اسيمبلي سومر تي پنهنجي اجلاس ۾ ڀارت ۾ گستاخي وارن قدمن جي خلاف هڪ مزمتي ٺهراءُ گڏيل طور تي پاس ڪري ورتو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته بي جي پي جي قيادت شان رسالت ۾ توهين ڪري مسلم امت جي دل آزاري ڪئي آهي، ٺهراءُ پيپلزپارٽي جي ممبر عورت سعديه جاويد پاران پيش ڪيو ويو، ٺهراءُ مطابق ڀارتي انتهاپسند جماعت بي جي پي آر ايس ايس جي مسلمانن جي خلاف تعصباڻي پاليسي تي عمل پيرا آهي، ٺهراءُ ۾ گهر ڪئي وئي ته ڀارتي حڪمران جماعت جي توهين وارن بيانن جي خلاف وفاقي حڪومت ڀارت سان سخت احتجاج ڪري. ايوان ۾ ٺهراءُ تي بحث ۾ حصو وٺندي خرم شيرزمان چيو ته پاڪستان حڪومت ڀارتي گستاخي وارن قدمن جي خلاف او آئي سي ۾ معاملي کي اٿاري، ڇو ته هي مسلمانن جي ايمان جو معاملو آهيم ايم ڪيو ايم جي ميمبر محمد حسين چيو ته اسان سڀ سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن جو مطالبو آهي ته عرب ملڪن وانگر پاڪستان ۾ به ڀارتي سفير کي نيڪالي ڏني وڃي. نصرت سحر عباسي چيو ته انتهاپسند بي جي پي جي گستاخي وارن بيانن جي سخت مذمت ڪريون ٿا، ڀارتي انتهاپسندن جي شرم جوڳي حرڪت سان سڄي دنيا جي مسلمانن جا جذبا مجروح ٿيا آهن هن گهر ڪئي ته ڀارت سان سياسي، معاشي، سفارتي لاڳاپا ٽوڙيا وڃن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڀارت ۾ اسان جي مذهب جي خلاف هڪ نفرت ۽ تعصب ڏٺو وڃي ٿو، انهن کي معلوم آهي ته شان رسالت جي معاملي تي هر مسلمان مرڻ ۽ مارڻ تي تيار ٿي وڃي ٿو، هن چيو ته جڏهن کان ڀارت ۾ شيطان جهڙو وزيراعظم آيو آهي اتي مسلمانن لاءِ زندگي عذاب بڻجي وئي آهي، ڪڏهن حجاب تي تماشو ڪيو وڃي ٿو، ڪڏهن مسجدن جي بي حرمتي ٿئي ٿي. هن چيو ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو سڄي دنيا کي خط لکيا آهن ۽ هن هي معاملو او آئي سي ۾ به اٿاريو آهي، جنهن کان پوءِ سنڌ اسيمبلي ۾ سمورا ٺهراءُ گڏيل طور تي پاس ڪيا ويا. پيپلز پارٽي جي عورت ميمبر غزاله سيال انور مهر جي لاڏاڻي تي هڪ تعزيتي ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن ۾ مرحوم کي سندس خدمتن تي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ ٺهراءُ گڏيل طور تي پاس ڪيو ويو.
سنڌ اسيمبلي/ٺهرا منظور