اوٻاوڙو پوليس ڪوڙا خواب ڏيکاري معصوم ڇوڪرين کي پاڻ وٽ گهرائي وڪرو ڪندڙ گروهه وٽ زنجيرن ۾ قيد پنجاب جي ضلعي سرگوڌا جي شهر ڪوٽ محمد جي رهواسي 14 سالن جي بريزه شابينا ڌي جهانگير قريشي کي بازياب ڪرائي ورتو. پوليس نياڻي کي قيد ڪندڙ جوابدار رمضان چاچڙ کي پڻ گرفتار ڪري ورتو. ان ڏس ۾ اوٻاوڙو پوليس ڳجهي اطلاع تي ڳوٺ چنالي تي ڇاپو هڻي ورغلائي اغوا ڪري هڪ ڪمري ۾ زنجيرن سان ٻڌي قيد ڪيل نياڻي بريزه شابينا ڌي جهانگير قريشي کي بازياب ڪرائي ٿاڻي تي آندو، جتي ليڊيز پوليس جي موجودگي ۾ ڇوڪري ٻڌايو ته آئون سرگوڌا جي شهر ڪوٽ محمد جي آھيان. مون سان سجاد نالي ڇوڪرو فون تي ڳالھائيندو ھو. ڪجھه ڏينھن اڳ سجاد مون کي ورغلائي پاڻ سان گڏ وٺي وڃي پنجاب جي مختلف شھرن ۾ ڳجهين جڳهين تي رهايو. مون کي بعد ۾ خبر پئي ته عورتن کي ڪوڙا آسرا ڏئي وڪرو ڪرڻ هن جو ڪاروبار آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close