پ پ ايم اين اي محمد بخش خان بلدياتي اليڪشن مهم جي سلسلي ۾ خانپورمهر ۾ پيپلز پارٽي جي پارٽي ورڪر ڪيمپ آفيس جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي پ پ ايم اين اي محمد بخش خان مهر چيو ته مان سمجهان ٿو ته اسان جي فتح ٿي چڪي آهي، جيڪو اڄ خانپورمهر جي عوام ثابت ڪيو آهي. مخالف حاجي زبردست مهر لاءِ چئي رهيا آهن ته هُو هتان جو ناهي پر حقيقت هي آهي ته هن سموري زندگي خانپورمهر وارن لاءِ وقف ڪئي آهي. محمد بخش مهر چيو ته مخالف اسان جي اميدوارن توڙي مختلف برادرين کي گهرائي چئي رهيا آهن ته حاجي زبردست مهر وارا هتان جا ناهن. هتي مرحوم بابا سردار غلام محمد خان مهر کان وٺي هن مهل تائين جيڪي به نمائندا بيهاريا ويا انهن کي اهو ٽاسڪ ڏنو ويو ته عوام جي خدمت ڪن. ان موقعي تي ٽائون ڪميٽي خانڳڙهه تي چيئرمين جي اميدوار عبدالرزاق خان مهر چيو ته مان اڳ ۾ ايم پي اي ٿي خانڳڙهه تعلقي جي عوام جي خدمت ڪئي آهي. هاڻ به عوام جي خدمت ڪنداسين. ان موقعي تي حاجي زبردست خان مهر ۽ ٻيا موجود هئا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close