ڏهرڪي ۾ اليڪشن ڪميشن ضابطه اخلاق جي ڪارروائي ڪندي بلدياتي اميدوارن جا لڳل وڏا پينافليڪس لهرائي ڇڏيا. ان ڏس ۾ شهر جي مختلف هنڌن تي تڪيو محمد پناهه، صديق ڪالوني، جھانگير پمپ، عظيم ڪالوني، ليبر ڪالوني، ٽي چوڪ، دادن مھر پمپ، رھڙڪي روڊ، نئون ڪوٽ، باگو ڀٽو، نيو بس ٽرمينل، قطب ٽائون ۽ باءِ پاس تي پ پ، جي ڊي اي، ٻين پارٽين ۽ آزاد اميدوارن پنهنجا وڏا پينافليڪس لڳائي ڇڏيا هئا. اليڪشن ڪميشن جي عملدار ڪارروائي ڪري سمورا وڏا پينافليڪس لهرائي ڇڏيا. ان سلسلي ۾ اليڪشن ڪميشن جي مانيٽرنگ آفيسر جميل احمس سومري ٻڌايو ته لوڪل گورنمينٽ اليڪشن 2017 ايڪٽ جي رول 80 جي سيڪشن 3 (b) تحت ڪاروائي ڪندي شهر جي مختلف هنڌن تي مڪاني چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن جا سائن بورڊ لهرائي ڇڏيا آهن. جيڪڏهن اميدوارن ٻيهر ڀڃڪڙي ڪئي ته 50 هزار روپيا ڏنڊ هڻي کين چونڊن ۾ نااهل ڪيو ويندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close