صالح پٽ ۾ بلدياتي اليڪشن جي سلسلي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي راشد محمود سومري، محمد صالح انڍڙ، اسدالله ڀيو, عبدالحميد مهر ۽ ٻين چيو آهي ته سنڌ تي اقتدار ڪندڙ ڀوتارن، سردارن جي بنگلن ۽ فارم هائوسز تي ڪم ڪندڙ نوڪر به زندگي جي هر آسائش جو مزو وٺي رهيا آهن پر غريب هڪ ويلي لاءِ پريشان آهي، اسپتالن ۾ دوائون نٿيون لڀن، نوجوان نوڪرين لاءِ ڀٽڪندا پيا وتن، سنڌ جا وسيلا ۽ ٻيٽ غير محفوظ آهن، سنڌ جو عوام انهن خلاف آواز به اٿاري ٿو، بغاوت به ڪندو رهيو آهي پر اليڪشن جي وقت انهن خلاف ووٽ ناهي ڪيو. راشد محمود سومري چيو ته پي ڊي ايم صرف پارلياماني اتحاد آهي، اليڪشني اتحاد ڪونهي، صوبن توڙي مرڪز ۾ چونڊ اتحاد جي حوالي سان ڪا به ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close