مورو شھر جي درس روڊ تي تعلقي اسپتال لڳ مڙس غلام مرتضى سيال پسٽل جا فائر ڪري پنھنجي زال پنجن ٻارڙن جي ماءَ شمس النساءَ کي قتل ڪري ڇڏيو آھي. اطلاع ملڻ تي مورو پوليس واردات واري هنڌ پھچي لاش پنھنجي تحويل ۾ وٺي تعلقي اسپتال مورو آندو، جتي قانوني گھرجون پوريون ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. مورو پوليس جوابدار غلام مرتضى سيال کي پسٽل سميت گرفتار ڪري ورتو آھي، جنھن ڏوهھ جو اعتراف پڻ ڪيو آھي. قتل ٿيل عورت کي ھڪ پٽ ۽ چار نياڻين جو اولاد آھي. اهي اصل ڳوٺ قمرآباد جا رھواسي آھن. لاش ڳوٺ پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو. آخري اطلاعن تائیين ڪيس داخل نه ٿي سگھيو هو. ياد رھي ته اٽڪل 20 ڏينھن اڳ به ساڳئي جوابدار ڇرين جا وار ڪري پنهنجي گهرواري شمس النساءَ کي زخمي ڪيو ھو ۽ پاڻ فرار ٿي ويو ھو. اھڙي رپورٽ مورو ٿاڻي تي داخل ڪئي وئي هئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close