سنڌ

لاڙڪاڻي هائي ڪورٽ ۾ميهڙ واقعي بابت شنوائي،سردار چانڊيو کي نوٽيس

سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ ڪورٽ لاڙڪاڻو ۾ ميهڙ واقعي بابت سردار خان چانڊيو، برهان خان چانڊيو ۽ علي گوهر چانڊيو جي ضمانت وارين درخواستن جي شنوائي ٿي، ڪورٽ سردار خان چانڊيو کي نوٽيس جاري ڪندي 27 جون تي طلب ڪري ورتو. شنوائي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ام رباب چانڊيو چيو ته اڄ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سردار خان چانڊيو، برهان خان چانڊيو ۽ علي گوهر جي ضمانت وارين درخواستن جي شنوائي هئي، ڪورٽ سردار خان چانڊيو وارن کي اڄ نوٽيس جاري ڪري 27 جون تي طلب ڪيو آهي. پر اميد آهيون ته تمام جلد هنن ڀوتارن ۽ سردارن کي جيلن جي سلاخن پويان ڏسنداسين. هن چيو ته مون گهڻي جدوجهد ڪئي آهي منهنجي گهر جي ٽن ڀاتين کي شهيد ڪيو ويو ۽ هڪ نياڻي لاءِ بغير والد جي زندگي گذارڻ انتهائي ڏکيو هوندو آهي، هر ڳالهه تي انهن جي ڪمي محسوس ٿئي ٿي، هڪ نياڻي جي خوشين ۾ اھم ڪردار ادا ڪندڙ ان جو والد هوندو آهي، هي اسان سان وڏو سانحو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته منهنجا وارث شهيد ٿيا پر ڪيس کي سموري سنڌ پنهنجو ڪيس سمجهي ٿي ۽ اسان جا سنڌي ڀائر ۽ ٻيا به گڏ بيٺل آهن ۽ اسان سردارن کي ٻڌائڻ ٿا چاهيون ته اوهان اسان کي جهڪائي نٿا سگهو. هن چيو ته عدليه مان پراميد آهيون، پنجن سالن کان انصاف نه ملڻ پڻ عدليه جي نظام تي وڏو سواليه نشان آهي. مان عزم کڻي بيٺي آهيان ۽ ثابت ڪنديس ته اسان کي انصاف ملندو پر اسان چاهيون ٿا ته جلد کان جلد فيصلو ڏنو وڃي ۽ عدالت فيصلو ڏنو ته اهو انصاف وارو ئي هوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button