ميروخان ۾ بجلي لوڊشيڊنگ خلاف شهرين توڙي دڪاندارن روڊن تي نڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي شهرين منور علي منگي، برڪت علي ابڙو، عبدالظاهر تونيو، عظيم قريشي، جاويد ڀٽي، اويس منگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڀٽو پئٽرول پمپ کان ٽيڪسي اسٽينڊ تائين پيادل ريلي ڪڍي نٽهڻ اُس ۾ ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن دانهيندي چيو ته گذريل 4 سالن کان ڪئبل تار ۽ ميٽر سسٽم هجڻ ڪري قانوني طريقي سان بجلي جو استعمال ڪيو وڃي ٿو، جنهن ڪري 4 سالن ۾ سٽي فيڊر تي لوڊشيڊنگ زيرو ۽ نه هجڻ برابر هئي پر هاڻي خبر ناهي ڇو بجلي لوڊشيڊنگ جو آزار وڌي ويو آهي. بجلي بلن جي بروقت ادائگي باوجود سخت گرمي ۾ 6 کان 8 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي وڃي ٿي. اڳواڻن سيپڪو چيف، سي او، اي سي، ايڪسين کان مطالبو ڪيو ته اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو نوٽيس وٺي سک سان جيئڻ ۽ ڪاروبار ڪرڻ ڏنو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو سخت ڪيو ويندو. رابطي تي ايس ڊي او سيپڪو حامد سومري ٻڌايو ته بجلي پيدوار ۾ گهٽتائي سبب 12 سئو ميگاواٽ بدران صرف 4 سئو ميگاواٽ بجلي ڏني وڃي ٿي جنهن ڪري لوڊشيڊنگ ڪرڻ تي مجبور آهيون، جئين ئي مسئلو حل ٿي ويندو لوڊشيڊنگ ۾ گهٽتائي اچي ويندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close