محنت ڪش ليبر يونين جي سڏ تي ميونسپل ڪارپوريشن جي ملازمن ٻن سينيئر ملازمن ڪائونسل اسسٽنٽ عارف علي شيخ ۽ سينيئر ڪلارڪ صدر الدين ڀٽي کي ڪراچي رليو ڪرڻ واري عملي خلاف پنجين ڏينهن به آفيسن جي تالابندي ڪري مُک گيٽ اڳيان ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي يونين صدر رسول بخش شاهاڻي، چيئرمين منور علي سانڊاڻو، سينيئر نائب صدر غلام اصغر جتوئي، جنرل سيڪريٽري شام لال کرارا، قلندربخش شاهاڻي، بشير احمد جوڻيجو، اختيار علي ککراڻي، عبدالقادر سولنگي ۽ ٻين چيو ته اسان جي احتجاج کي پنج ڏينهن ٿي ويا ۽ اسين روزانو سخت گرمي ۾ ڌرڻو هڻي احتجاج رڪارڊ پيا ڪرايون پر مسلسل ميونسپل انتظاميا جي ڪن لاٽار سمجهه کان ٻاهر آهي. احتجاج جو نوٽيس وٺي ڪائونسل اسسٽنٽ عارف علي شيخ ۽ سينيئر ڪلارڪ صدرالدين ڀٽي کي واپس اداري ۾ جوائننگ ڏئي فوتي ڪوٽا وارن کي جوائننگ ڏئي وڃي ٻي صورت احتجاج جي دائري کي وڌايو ويندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close