قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي يونين ڪائونسل آبڙي تان مڪاني چونڊن ۾ جي ڊي اي جي ٽڪيٽ تان چيئرمين لاءِ چونڊن ۾ حصو وٺندڙ وحيد علي عباسي ڳوٺ خير محمد لورڙ ۾ جلسو ڪرايو، جنهن ۾ جي ڊي اي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ۽ لاڙڪاڻو عوامي اتحاد جي ڪنوينر ڊاڪٽر صفدر عباسي، محمد علي هڪڙو سميت سياسي سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي. جلسي کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر صفدر عباسي چيو ته اڄوڪي عوامي سمنڊ ۾ مخالف لڙهي ويندا، ڇاڪاڻ ته جلسي ۾ ڀٽو، جاگيراڻي، مغيري، هڪڙا، بهليم، لهر سميت ٻين برادري جي ماڻهن حمايت جو اعلان ڪري ثابت ڪيو ته هو بي داغ قيادت کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪرائيندا. هن چيو ته عوامي اتحاد ظلم ۽ جبر خلاف ۽ انصاف جي تحفظ لاءِ وڙهي رهيو آهي. سنڌ ۾ 15 سالن اندر شهر جا شهر تباهه ٿي ويا. هن چيو ته محترمه بينظير ڀٽو شهيد کان پوءِ هنن پيپلز پارٽي کي ڪٿي پهچائي ڇڏيو آهي جو صرف سنڌ جي 8 ضلعن تائين پيپلزپارٽي محدود ٿي چڪي آهي، تنهن ڪري هن تحريڪ ۾ نوجوان نڪرن ۽ پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ ڪوڙ جي محلن کي ڊاهي پٽ ڪن جيئن سندن جو مستقبل روشن ٿئي. يوسي آبڙي تان جي ڊي اي جي ٽڪيٽ تان چونڊ وڙهندڙ وحيد عباسي چيو ته مخالفن کي عوام مان پذيرائي نه ملڻ تي هو انتقامي ڪارروايون ڪري ڌمڪيون ڏئي ڊيڄاريو پيو وڃي پر اسان انهن جي ڌمڪين کان ڊڄڻ وارو ناهيون. ان موقعي تي پي ٽي آءِ اڳواڻ محمد علي هڪڙو، منظور عباسي، عاشق جوڻيجو، عرفان لاشاري، همت ڪلهوڙو ۽ ٻين خطاب ڪيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close