اسلام آباد

بلاول ڀٽو سان يو اي اي ۽ مصر جي سفيرن جي ملاقات

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گڏيل عرب امارات جي سفير حماد عبيد ابراهيم سالم الزابي سان ملاقات ڪئي آهي. بلاول ۽ گڏيل عرب امارات جي سفير وچ ۾ ملاقات دوران گڏيل دلچسپي وارن مامرن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ اقتصادي رابطا وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. هوڏانهن پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان مصر جي سفير طارق محمد پڻ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button