اسلام آبادپاڪستان

پاڪستان جي بجيٽ کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ اضافي قدمن جي ضرورت آهي: آءِ ايم ايف

اسلام آباد: عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) چيو آهي ته ابتدائي جائزي موجب پاڪستان جي وفاقي بجيٽ کي مستحڪم ڪرڻ ۽ ان کي آءِ ايم ايف پروگرام جي اهم مقصدن مطابق آڻڻ لاءِ اضافي قدمن کڻڻ جي ضرورت آهي. ڪالهه پاڪستان ۾ مقرر آءِ ايم ايف جي ترجمان ايسٿرپيريز هڪ نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي چيو ته قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيل وفاقي بجيٽ کي غور سان ڏسي رهيا آهيون، ڪجهه اوڳاڙين ۽ خرچن جي وڌيڪ وضاحت لاءِ اختيارين سان ڳالهه ٻولهه جاري آهي.

آءِ ايم ايف ترجمان وڌيڪ چيو ته شروعاتي جائزي سان لڳي ٿو ته بجيٽ کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ قدمن کڻڻ جي ضرورت آهي، بجيٽ کي آءِ ايم ايف پروگرام جي اهم مقصدن موجب آڻڻ لاءِ به واڌو قدم کڻڻا پوندا. هن چيو ته اسان جو عملو ان سلسلي ۾ اختيارين جي ڪوششن ۽ عام طور تي ميڪرو اڪنامڪ استحڪام کي هٿي وٺرائڻ جون پاليسيون لاڳو ڪرڻ ۾ سهڪار لاءِ تيار آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button