اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳوڻي حڪومت ۾ ڪرپشن جا نوان طريقا دريافت ٿيا آهن. ٽرسٽ کي 458 ڪنال زمين عطيو ڪري ڏني وئي، اهو ٽرسٽ عمران خان ۽ سندس گهرواري جي نالي تي آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين کي جعلي صادق ۽ امين جو لقب ڏنو ويو آهي، ان معاملي جي جاچ لاءِ ذيلي ڪميٽي جوڙي وئي آهي. وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا بريفنگ ڏيندي چيو ته گذريل حڪومت ڊسمبر 2019ع واري ڪابينا اجلاس ۾ بند لفافي ۾ معاهدي جي منظوري ڏني هئي. وفاقي ڪابينا ان وقت جي وزيراعظم کان معاهدي بابت پڇاڻو ڪيو. گهرو وزير چيو ته برطانيه ۾ رڪور ٿيل 50 ارب ڊالرز سرڪاري خزاني ۾ جمع نه ڪرايا ويا آهن، جنهن معاملي جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي آهي.
گهرو وزير جو چوڻ هو ته برطانوي اختيارين پاڪستاني اختيارين سان رابطو ڪري کين ٻڌايو ته رقم غيرقانوني طريقي سان اسان وٽ پهتي ۽ اسان ان کي ضبط ڪيو هو، جتان رياست طرفان ايسٽ ريڪوري يونٽ جي شهزاد اڪبر معاملي جي جاچ ڪئي پر هن اهو پئسو پاڪستان جي عوام لاءِ استعمال ڪرڻ بدران مبينا طور پنهنجو حصو 5 ارب رپيا رکي ان کي ٻٽو معيار بڻائي ڇڏيو. راڻا ثناءُ الله جو چوڻ هو ته جڏهن هي چور وچ ۾ آيا ته هن طريقي سان هتي هڪ دستاويز تيار ڪيو ته ڪيئن اسان کي 50 ارب رپيا بچائڻا آهن ۽ پوءِ اسان کي 5 ارب هضم ڪرڻا آهن ۽ عوام جي پئسي کي ڪيئن چورائڻو آهي، اها انهن جي ايمانداري ۽ امانتداري آهي.
مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ چيو ته 50 ارب رپين کي ايڊجسٽ ڪيو ويو، ان ۾ 458 ڪنال زمين جي قيمت 50 ڪروڙ رپيا هئي، اها زمين القادر ٽرسٽ جي نالي تي منتقل ڪئي وئي. عطيي جي زمين جي دستاويزن تي هڪ ته ڊونر جي دستخط آهي ته ٻئي طرف اڳوڻي خاتون اول بشرى خان جي صحيح آهي، جنهن ۾ 2 ٽرسٽي آهن، هڪ بشرى خان ۽ ٻيو اڳوڻو وزيراعظم آهي. راڻا ثناءُ الله چيو ته بني گالا ۾ 240 ڪنال زمين فرح گوگي جي نالي تي منتقل ڪئي وئي. عمران خان سڀني معاملن ۾ پنهنجو حصو وصول ڪيو. پريس ڪانفرنس ۾ ڳالهائيندي مصدق ملڪ چيو ته سمورن معاملن تي ڪابه سمري ڪابينا ۾ پيش نه ڪئي وئي، ان جعلسازي جو فرنٽ مين شهزاد اڪبر هو. اڳوڻي حڪومت ڪرپشن جي خاتمي جو نعرو لڳائي ڪرپشن جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن. مولانا اسعد محمود چيو ته عمران خان بني گالا ۾ گهر جي مالڪي بابت بار بار ڪوڙ ڳالهايو. عمران خان مذهب کي ذاتي فائدي لاءِ استعمال ڪيو.