چوٽياريون: چوٽياريون جي بيسڪ هيلٿ سينٽر تي تازو ڄاول ٻارڙو فوت ٿي ويو، جنهن بعد وارثن عملي تي غفلت جو الزام هڻي احتجاج ڪيو. ان موقعي تي فوتي ٻارڙي جي وارثن واحد بخش راڄڙ الزم هڻندي چيو ته ڊاڪٽرياڻي انيتا جي لاپرواهي سبب اسان جو تازو ڄاول ٻارڙو فوت ٿيو آھي، هيلٿ سينٽر تي عملي جي لاپرواهي سبب روز اهڙا واقعا ٿيندا رهن ٿا، عملي خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي. ٻئي پاسي رابطو ڪرڻ تي انچارج ڊاڪٽر جئه رام داس ٻڌايو ته رات ٻه بجي ڊليوري ٿي، ڊيوٽي ڊاڪٽرياڻي صبح 7 بجي موڪل ڏني ۽ وارثن کي ٻڌايو ته هن کي هاڻي سانگهڙ کڻي وڃي گئس وغيره چاڙھايو، پر وارث گهر هليا ويا، اسان وٽان ٻار صحتمند روانو ٿيو، وارث صبح 10 بجي سينٽر تي آيا ته اسان جو ٻار فوت ٿي ويو آھي، ان ۾ عملي جي ڪابه لاپرواهي ناهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close