سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاهه ايس يو پي ٽائون ڪميٽي سڪرنڊ ون تي بيٺل اميدوار همت جاني جي آجياڻي جي موقعي تي ميڙ کي خطاب ڪندي چيو ته وطن ۽ ڌرتي لاءِ سر ڏيڻو پيو ته ڏيندس پر اصولن تي سوديبازي نه ڪندس. ادارا پنهنجي مرضي جون حڪومتون آڻيندا ته ماڻهن جو اليڪشن تان ويساهه کڄي ويندو ان بعد ماڻهو ٻيو رخ اختيار نه ڪن. ادارن کي پنهنجي سوچ تبديل ڪرڻي پوندي. سنڌ جي نوجوانن ۽ نياڻين کي بهتر مستقبل لا سجاڳي جو ڏيئو روشن ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ڇا اسان کي رڳو ڪرپشن ذريعي ملڪ هلائڻو آهي. ادارا خاموش آهن. ملڪ جو ڏيوالو نڪري چڪو آهي. جيڪڏهن هاڻ به اليڪشن چوري ڪئي وئي ته مهاڏو اٽڪائينداسين. پ پ حڪمران پنهنجا آروز مقرر ڪري ڌانڌلين جو سوچي رهيا آهن پر سنڌ جي ماڻهن کي درست فيصلو ڪرڻو پوندو نه ته سندن ٻچا لوڙيندا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close