دوداپور ويجهو ڪٽوبر برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ خوني تڪرار جي نبيري لا ميڙ منٿ قافلو پهتو. دوداپور ويجهو پنهون ڀٽي جي علائقي ۾ ڪٽوهر برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي خوني تڪرار نبيرڻ لا مير مختيار خان بليدي جي اڳواڻي ۾ ميڙ منٿ قافلو خيرپورميرس ۾ عنايت اللّٰه ڪٽوهر وٽ پهتو، جتي ميڙ منٿ قافلي ۾ شامل اڳواڻن مير مختيار خان بليدي، پنهل خان ڏاهاڻي، جميل احمد ڪٽوهر ۽ ٻين ڌرين کي پاڪ ڪتاب جا واسطا ڏيندي چيو ته هاڻي جيڪو ڪجهه ٿيو ان کي وساري ٺاهه ڪريو. قبائلي جهيڙن سبب نوجوان نسل تباهه ٿي رهيو آهي، انهن کي تباهي کان بچايو وڃي. جنهن تي ڌرين صلاح مشوري لا مهلت گهري ورتي ۽ چيو ته برادري سان صلاح مشورو ڪري اوهان کي سٺي موٽ ڏينداسين. ياد رهي ته 6 سال اڳ عنايت اللّٰه ڪٽوهر ۽ عزيزاللّٰه ڪٽوهر جي ڌرين ۾ زمين جي معاملي تان جهيڙو شروع ٿيو ھو، جنهن ۾ نياز ڪٽوھر، اسلم ۽ بخشل ڪٽوهر سميت 6 ڄڻا قتل ٿي چڪا ۽ ڪيترائي ڳوٺاڻا پنهنجا اباڻا گهر ڇڏي ٻين شھرن ڏانهن لڏپلاڻ ڪري هليا ويا آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close