ٽنڊو محمد خان ۾ ڪليري اتحاد پاران خيرپور ميرس پوليس خلاف پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اشرف ڪليري، صوڀو خان ڪليري، سونھارو ڪليري، اڪرم علي ڪليري ۽ ٻين چيو ته ڪجھه ڏينھن اڳ گمبٽ ويجھو ڊرٻ ميھر شاهه ۾ ڪليري ۽ اڄڻ برادري جي ڪجھه ماڻھن ۾ جھيڙو ٿيو، جنھن ۾ ھڪ نوجوان يار محمد ڪليري قتل ۽ ھڪ نوجوان دلدار ڪليري زخمي ٿيو هو. ان ذاتي جھيڙي کي خيرپور ميرس پوليس برادري وچ ۾ جھيڙو ڏيکاري ڳوٺ جو سامان ۽ چوپايو مال پڻ ڪاھي ظلم ڪيو آھي. اسانجي ڳوٺ ٻاھران پوليس جو ڪڙو چڙھيل آھي. ڳوٺ جا بزرگ ۽ معصوم ٻار اسپتال ڏانهن به نٿا وڃي سگھن. هنن مطالبو ڪيو ته ڊرٻ مھير شاهه ۾ پيش آيل واقعي جي جاچ ڪري واقعي جو نوٽيس ورتو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close