سنڌ

پ پ اڳواڻ ۽ ٽڪيٽ هولڊر عمران خان بجاراڻي جي يو آئي ۾ شامل

پيپلزپارٽي سينٽرل ڪاميٽي جي ميمبر ۽ قومي اسيمبلي جو ٽڪيٽ هولڊر مير عمران خان بجاراڻي پيپلزپارٽي کي الوداع ڪري جي يو آئي ۾ شموليت ڪري ڇڏي. ن موقعي تي مير عمران خان بجاراڻي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته 35 سال پيپلزپارٽي کي ڏنا آهن، مشرف جي آمريت دور ۾ 2 ڀيرا پ پ جي ٽڪيٽ تي اليڪشن ۾ حصو ورتم، ڌانڌلي ذريعي مون کي هارايو ويو، پيپلزپارٽي حڪومت اقتدار ۾ اچڻ بعد پ پ ۾ ويٺل ماڻهن مون کي سائيڊ ڪيو ۽ پارٽي قيادت به سار سنڀال نه ڪئي، جنهن ڪري پيپلزپارٽي کان سياسي راهون جدا ڪريان ٿو. ڪشمور ضلعو 11 لک آباد رکي ٿو. هن چيو ته مستقبل ۾ هتان جي عوام سان گڏ هوندس، آر او ۽ ڊي آر او ذريعي مڪمل ڌانڌلي ڪرائڻ جي پلاننگ آهي. وڏيرن ۽ ڀوتارن کي شڪست ڏيڻ لا مڪمل تياري ڪئي آهي. ڪشمور جو عوام چونڊيل نمائندن کان بيزار آهي، هاڻي هتان جي عوام سان گڏجي سردارن کي شڪست ڏبي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button