ڊکڻ ويجهو ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ ڪري پيرسن کي قتل ڪري ڇڏيو. ڊکڻ ٿاڻي جي حد ۾ ٻن ڌرين ثنا الله شر ۽ سعيد شر ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن ڳوٺ ڪلرائي شر وٽ ڳاهيجا لنڪ روڊ تي فائرنگ ڪري پيرسن رضا محمد شر کي قتل ڪري ڇڏيو. اطلاع تي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي مدئجي اسپتال منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽر نه هجڻ ڪري سول اسپتال شڪارپور مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش وارثن حُوالي ڪيو ويو. پوليس ڳوٺ ڳڙهي صاحب خان ويجهو شرن جي وانڍ تي چڙهائي ڪري گهر گهر تلاشي ورتي پر جوابدار اڳواٽ گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا. جڏهن ته پوليس ڳوٺ مان 6 ڳئون ڪاهي ڍڪ حوالي ڪري ڇڏيون. ان سلسلي ۾ مقتول رضا محمد شر جي پٽ سعيد شر کي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڊکڻ ٿاڻي جي حد ۾ هڪ سال اڳ جوابدار ڌر ثنا الله شر، ارباب شر وارن منهنجي ڀاءُ امتياز علي شر کي قتل ڪيو هو. ساڳين جوابدارن اڄ منهنجي پيءُ رضا محمد شر کي قتل ڪري ظلم ڪيو آهي. ايس ايس پي شڪارپور نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڏياري. رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ڊکڻ رالف پٺاڻ ٻڌايو ته ٻن ڌرين وچ ۾ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ ڪري رضا محمد شر کي قتل ڪيو آهي، ڳوٺ تي چڙهائي ڪئي پر جوابدار اڳواٽ گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا آهن، ملوث جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو،. ياد رهي ته ڊکڻ ويجهو ڳڙهي صاحب خان ڀرسان شرن جي وانڍ ۾ شر برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ هلندڙ تڪرار تان هڪ ڌر سعيد احمد شر جا پيءُ ۽ ڀاءُ قتل ٿي چڪا آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close