سنڌ

ايس آ يو ٽي،گمس ۽ جناح اسپتال جي گرانٽ ۾ واڌ جو اعلان

نئين مالي سال ۾ سنگل لائن گرانٽ تحت ايس آءِ يو ٽي ڪراچي کي ملندڙ گرانٽ 7 ڏهائي 12 بلين رپين ۾ 40 سيڪڙو واڌارو ڪري نئين مالي سال 23-2022ع ۾ 10 بلين رپيا ڪيو ويو آهي. پير عبدالقادر شاهه جيلاني انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنس گمبٽ جي گرانٽ کي 4 بلين رپين مان وڌائي 6 بلين رپيا ڪيو ويو آهي، جيڪو نئين مالي سال ۾ 50 سيڪڙو وڌيڪ آهي. جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر ڪراچي ۾ روبوٽ سرجيڪل سسٽم نصب ڪرڻ لاءِ ايندڙ مالي سال ۾ 594 ملين رپيا رکيا ويا آهن، جنهن سان ڪينسر جي مريضن جي علاج ۾ مدد ملي سگهندي. مالي 22-2021ع جي ڀيٽ ۾ ايميونائيزيشن پروگرام لاءِ ويڪسين جي خريداري ۾ 75 سيڪڙو واڌ ڪري 2 بلين مان وڌائي 3 ڏهائي 5 بلين رپيا رکيا ويا آهن. دل جي بيمارين کان ڇوٽڪاري واري اداري اين آءِ سي وي ڊي ۽ ان جي 10 سيٽلائيٽس سينٽرز لاءِ نئين مالي سال 23-2022ع ۾ 12 ڏهائي 539 بلين رپيا مختص ڪيا ويا آهن. سنڌ انسٽيٽيٽو آف انفڪيشن ڊيزيز نيپا ڪراچي ۾50 بسترن تي ٻڌل اسپتال ۽ گلستان جوهر ۾ 100 بسترن تي ٻڌل اسپتال عيدگاهه لاءِ نئين مالي سال ۾ 1 ڏهائي هڪ بلين رپيا رکيو ويو آهي. ڊائو يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز ڪراچي لاءِ 125 ملين رپيا، ڪڊني سينٽر ڪراچي لاءِ 200 ملين، پي پي ايڇ آءِ لاءِ 11 ڏهائي 481 بلين رپيا رکيا ويا آهن. شهيد محترمه بينظير ڀٽو ٽراما سينٽر ڪراچي کي گهربل مشينري ۽ ٻين ضروري اوزارن جي خريداري لاءِ نئين مالي سال ۾ 500 ملين رپيا رکيا ويا آهن. سنڌ ۾ ٿيليسيميا جي مريضن جو مفت علاج ڪندڙ 10 ٿيليسيميا سينٽرن جي بجيٽ 260 ملين مان وڌائي 290 ملين ڪئي وئي آهي جيڪا گذريل مالي سال جي ڀيٽ ۾ 12 سيڪڙو وڌيڪ آهي. 11 ڊائلاسز سينٽرن ۾ مريضن جو مفت علاج لاءِ 155 ملين رپيا مختص ڪيا ويا آهن جيڪو نئين مالي سال ۾ 19 سيڪڙو واڌارو آهي. ٻارڙن لاءِ صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ گرانٽ ان ايڊ جي مد ۾ 3 سيڪڙو واڌ ڪري نئين مالي سال ۾ 1 ڏهائي 700 بلين رپيا رکيا ويا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button