اسلام آبادپاڪستان

عالمي بئنڪ، پاڪستان کي هائوسنگ فنانس منصوبي لاءِ ساڍا 85 ملين ڊالر ڏيندو

اسلام آباد: عالمي بئنڪ پاڪستان کي هائوسنگ فنانس منصوبي لاءِ ساڍا 85 ملين ڊالر فراهم ڪندو، جنهن لاءِ پاڪستان ۽ ورلڊ بئنڪ وچ ۾ معاهدو ٿي ويو آهي. تفصيل موجب عالمي بئنڪ سان ساڍا 8 ڊالرن جي “پاڪستان هائوسنگ فنانس پروجيڪٽ” جي معاهدن تي صحيحن جي تقريب ڪالهه اسلام آباد ۾ ٿي گذري، ان موقعي تي اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير سردار اياز صادق پڻ موجود هو. اقتصادي معاملن واري وزارت موجب پاڪستان طرفان اقتصادي معاملن واري سيڪريٽري ميان اسد حياءُ الدين ۽ عالمي بئنڪ جي طرفان عالمي بئنڪ جي قائم مقام ڪنٽري ڊائريڪٽر مسٽر گيليس جي ڊراوجلس فنانس تي صحيحون ڪيون، جڏهن ته پاڪستان مارٽگيج ري فنانسنگ ڪمپني (پي ايم آر سي) جي نمائندي منصوبي جي معاهدي تي صحيحون ڪيون.

ان موقعي تي ڳالهائيندي عالمي بينڪ جي قائم مقام ڪنٽري ڊائريڪٽر چيو ته پاڪستان جي حڪومت، پاڪستان کي جامع ۽ پائيدار معاشي ترقي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ عالمي بئنڪ جي مسلسل مالي ۽ ٽيڪنيڪل مدد جو يقين ڏياريو آهي. معاهدي تي صحيحن جي تقريب دوران عالمي بئنڪ سان قابل قدر ڀائيواري جي اصولن کي ورجائيندي اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير اياز صادق چيو ته اها تقريب حڪومت جي پاليسين ۽ پروگرامن تي عالمي بئنڪ جي مسلسل اعتماد جي عڪاسي ڪري ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button