حيدرآباد: نامياري بلوچ اڳواڻ رئوف خان ساسولي ڪراچي ۾ بلوچ نياڻين تي پوليس تشدد ۽ کين کنڀي پوليس موبائل ۾ اڇلائڻ واري عمل تي سخت ردعمل جو اظھار ڪندي چيو آھي تھ نياڻين مٿان تشدد ھن جمھوري دور ۾ آمراڻو قدم آھي، 1973ع ۾ بلوچن تي ٿيندڙ تشدد تاريخ جو تڪليف ڏيندڙ باب آھي، اڄ جڏھن ڪراچي پريس ڪلب ٻاھران بلوچ نياڻين تي تشدد ٿئي ٿو تھ جمھوري ۽ غير جمھوري دورن ۾ ٿيندڙ جبر جو ورجاءُ ٿئي ٿو ۽ اسين ان جي مذمت ڪريون ٿا. ھن چيو تھ اسيمبلين ۾ ويٺل باڪردار ماڻھن کي بلوچن سان ٿيندڙ ظلم خلاف آواز اٿارڻ گھرجي ۽ سنڌ جي سول سوسائٽي، انساني حقن جي تنظيمن ۽ پارليامينٽ کان ٻاھر ويٺل ترقي پسند ڌرين کي پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي. بلوچ اڳواڻ وڌيڪ چيو تھ موجوده حالتن ۾ پرامن جدوجھد ذريعي ئي بلوچ ۽ سنڌي پنھنجو دفاع ڪري سگھن ٿا ۽ انصاف سان ئي بلوچ مک سياسي جمھوري ڌارا ۾ جڙي سگھن ٿا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close