پاڪستانسنڌ

مخالف شڪست ڏسي الزام هڻي رهيا آهن:علي محمد ولهاري

مسڻ وڏي: ٽنڊوالهيار ضلعي ۾ پ پ مخالف بلدياتي اليڪشن ۾ پنھنجي شڪست کي ڏسي اجائي الزام بازي ڪري رهيا آهن، اسان يوسي مسڻ ۽ يوسي بيگن جروار ۾ چڱن مڙسن جي صلاح مشوري سان اميدوار بيهاريا آهن. اڳوڻي ضلعي چيئرمين مخدوم ميون علي محمد ولهاري مخدوم ميون معروف علي ولهاري جا يوسي بيگن جروار تي ضلعي ڪائونسل جي سيٽ فارم سميت سڄي پينل جا فارم جمع ڪرائڻ دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو تہ اليڪشن ۾ ڪير به حصو وٺي سگهي ٿو، باقي پارٽي جي فيصلن خلاف ڪو ورڪر پارٽي جي اميدوارن سامھون فارم ڀرائي ٿو ته ان جي ناراضگي ختم ڪئي ويندي. ٽنڊوالهيار ضلعي پ پ جا سمورا اميدوار وڏي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪندا ۽ مخالفن جون ضمانتون ضبط ٿي وينديون. ان موقعي تي يوسي بيگن جروار تي ضلعي ڪائونسل جي سيٽ اميدوار مخدوم ميون معروف علي ولهاري، چيئرمين جي اميدوار شادمان جروار ۽ وائيس چيئرمين جي اميدوار نور احمد ٿيٻو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان عوام جي خدمت ڪئي آهي. ان موقعي تي عبدالغفار ملڪ، حاجي خان جروار، علي ڏنو ھاليپوٽو، عبدالحفيظ جروار، رزاق عمراڻي، عبدالرزاق جروار، اصغر اوٺو ۽ ٻيا موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button