
ڪڍڻ: ڪڍڻ لڳ ڳوٺ سينرو جت ۾ ٻن ورهين جي نينگري پاڻي جي کڏ ۾ ٻڏي فوت ٿي وئي. ڳوٺ سينروجت جي رھواسي منير جت جي ٻن ورهين جي نياڻي شهناز گهرن ڀرسان بيٺل پاڻي ۾ ڪري پئي، جنهن کي وارث صحت مرڪز کڻي آيا، جتي عملي سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. وارث نينگري جو لاش گھر کڻائي ويا، جتي ڪهرام مچي ويو.