سنڌ

جهرڪ ويجهو ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر سبب نوجوان فوت

جهرڪ ويجهو بسم الله چوڪ وٽ ڪار ۽ موٽر سائيڪل ۾ آمهون سامهون زوردار ٽڪر جي نتيجي ۾ ٻه ڄڻا موٽر سائيڪل سوار غمشاد علي چانگ ۽ علي دوست چانگ سخت زخمي ٿي پيا جن کي هيلٿ سينٽر جهرڪ آندو ويو، جتان کين سول اسپتال حيدرآباد ريفر ڪيو ويو ۽ ايمبولينس سهولت نه هئڻ سبب وارث زخمين کي سوزوڪي جي ڊالي ۾ کڻي اسپتال پهچايو، جتي غمشاد علي چانگ زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو، زخمي علي دوست چانگ جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. ان موقعي تي شهرين اختيارين کان مطالبو ڪيو ته بسم الله چوڪ جي چئني طرفن کان ايندڙ روڊ تي اسپيڊ بريڪر لڳائي حادثن کي روڪي زندگيون بچايون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button