وزير اطلاعات ۽ ٽرانسپورٽ شرجيل انعام ميمڻ سنڌ حڪومت پاران 50 لک رپين جي گرانٽ جو چيڪ ڪراچي يونين آف جرنلسٽس جي صدر اعجاز احمد ۽ جنرل سيڪريٽري عاجز جمالي جي حوالي ڪيو. ان موقعي تي ڊائريڪٽر اطلاعات سليم خان ۽ راهب ڳاهو به موجود هو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته حڪومت صحافين جي فلاح ۽ ڀلائي کي اولين ترجيح ڏئي ٿي، اهو ئي سبب آهي جو مختلف پريس ڪلبز ۽ صحافين جي تنظيمن کي سالياني گرانٽ فراهم ڪئي ويندي آهي. ڪي يو جي جي عهديدارن سنڌ حڪومت جا ٿورا مڃيندي ان رقم سان ميمبرن جي نئين سال جي هيلٿ ڪارڊز جاري ڪرڻ لاءِ استعمال ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close