سنڌ

رتوديرو ۾ شهرين جو ترقياتي ڪم نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

رتوديرو جي علائقي ڀٽا وانڍ محلي جي رهواسين ترقياتي ڪم نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي عادل عباسي، اطهر گھانگھرو، مبين احمد ڀٽو، سعيد عباسي، قدير احمد، محمد رفيق، گلزار منگي، نثار اوڍو، علي خان چوهاڻ ۽ ٻين دانهيندي چيو ته اسان جي محلي ۾ وڏي عرصي کان وٺي ترقياتي ڪم نه ٿيا آهن. هنن چيو ته محلي ۾ صفائي ۽ ڊرينيج نظام نه هجڻ ڪري نالين جو گندو پاڻي گھٽين ۾ بيٺل رهي ٿو، گندو پاڻي بيهڻ ڪري عورتن ۽ معصوم ٻارڙن کي سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. هنن چيو ته صفائي عملو اسان جي محلي ۾ صفائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي دانهون ڪري ٿڪجي پيا آهيون پر ڪير ٻڌڻ وارو نه آهي. هنن وسوارن وارن کان مطالبو ڪيو ته محلي ۾ ترقياتي ڪم ڪرائي بنيادي سهولتون ڏنيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button