سنڌ

گڊو ۾ سلپون نه ملڻ خلاف شاگردن جو احتجاج،پرنسپل جو صحافي تي تشدد

گڊو جي گورنمينٽ هاير سيڪنڊري اسڪول ۾ سلپون جاري نه ٿيڻ خلاف شاگردن جي ڪيل احتجاج جي ڪوريج تي پهتل صحافي کي پرنسپال پاران يرغمال بڻائي موبائيل ڦري تشدد ڪرڻ ۽ شاگردن کي سلپون جاري نه ڪرڻ خلاف صحافين ۽ شاگردن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي صحافين محمد علي ڪلوڙ، غلام فريد ڄامڙو، بالاچ دشتي، شفقت ڀيو، فرحان قريشي، شريف ڄامڙو، احمد سيال ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب کان اسڪول تائين احتجاجي ريلي ڪڍي اسڪول آڏو نيشنل ھاءِ وي تي احتجاج رڪارڊ ڪرايو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته گورنمينٽ ھائير سيڪنڊري اسڪول جو پرنسپال تعليم دشمن آفيسر آهي جنهن ھتان جي مقامي شاگردن کي ھميشہ نظرانداز ڪري پنجاب جي شاگردن کي رشوت وٺي اوليت ڏني آهي. جڏهن ته شاگردن جي احتجاج جي ڪوريج لاءِ صحافي اسڪول پھتو ته پرنسپال صحافي تي مڇرجي گارگند ڪندي موبائيل فون ڦرڻ بعد تشدد جو نشانو بڻايو. ھنن چيو ته جڏھن کان مختيار ٻرڙو پرنسپل ٿيو آھي تڏھن کان ڳري رقم عيوض ٻين صوبن جي شاگردن جي نه رڳو گڊو ۾ داخلا پئي ٿئي پر اھي سرعام امتحان ۾ ڪاپي ڪن ٿا. هنن اختيارين کان مطالبوڪيو ته پرنسپل کي جلد هٽايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button