سنڌ

شاهبندر ۽ کارو ڇاڻ جي پوڇڙي ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو

سجاول ضلعي جي ساحلي پٽي جي تعلقي شاهبندر ۽ کارو ڇاڻ جي ٽيل ۾ پاڻي نه هجڻ ڪري صورتحال انتهائي ڳنڀير بڻجي وئي، کارو ڇاڻ جي سامونڊي پٽي جي ڳوٺ جان محمد جت ۽ آسپاس هزارين ماڻهو پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لا ترسي رهيا آهن. آبڪلاڻي جو پاڻي نه ملڻ ۽ پاڻي جي سخت اڻاٺ، جر جو پاڻي کارو ٿيڻ توڙي نھري سسٽم غير فعال ھجڻ سبب ھزارين رھواسين توڙي آبي جيوت جي حياتي خطري هيٺ اچي وئي. ان سلسلي ۾ يوسي جان محمد جت جي اڳواڻي چيئرمين احمد خان جت، محمد اسلم جي اڳواڻي ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته پاڻي جي کوٽ جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي، آبپاشي عملدارن جي نااھلي چور بازاري توڙي ٽيل تائين کاتي نه ٿيڻ ڪري پاڻي جو ھڪ ڦڙو نه پھتو آهي. سارين جي فصل سميت ھن سيزن ۾ ڪو فصل پوکجي نه سگھيو آھي ۽ علائقي ۾ کڏن ۽ کوٻن جو گندو پاڻي استعمال ڪرڻ سبب ٻارڙن ۽ عورتن ۾ گيسٽرو، توڙي پيٽ جي بيمارين ۾ اضافو ٿي ويو آھي. ھنن وڏي وزير ۽ چونڊيل نمائندن کان گھر ڪئي ته فوري طور تي نوٽيس وٺي اسان کي جيئڻ لاءِ پاڻي فراهم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button