حیيدرآباد: قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي چيو آھي ته حڪمران روزانو مھانگائي جو بم ڪيرائي مزدور، ھاري ۽ غريب عوام کي تباھه ڪري رھيا آھن. تيزي سان وڌندڙ مھانگائي سان ڏوھه وڌندا. خودڪشيون وڌنديون. حڪمرانن کي غريب عوام جو ڪو خيال ناھي. پنھنجي ناڪامي ۽ نااھلي جو ملبو گذريل حڪومت تي وجھندڙ حڪمران وقفي وقفي سان 22 سالن کان وڌيڪ عرصي کان واري واري سان حڪومت ڪري رھيا آھن.
اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ جو پاڻي بند ڪري ڏڪار واريون حالتون پيدا ڪيون ويون آھن. پيپلزپارٽي اقتدار ۾ اچي سنڌو درياھه تي ڌاڙي جو منصوبو ٺاھيندي آھي. ٿل ڪئنال ۽ ٻيا ڌاڙيل منصوبا پ پ جا ٺاھيل آھن، جنھن ڪري سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ڏنو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو ته ھڪ طرف فصل تباھه آھن، ٻئي طرف مھانگائي جو عذاب ٽئين طرف نوڪريون ناھن، جنھن ڪري بک، بدحالي، بيروزگاري عوام جو جيئڻ مشڪل ڪري ڇڏيو آھن.