حيدرآباد: سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته ملڪ کي لُٽي ان جي معيشت کي تباھه ۽ برباد ڪندڙ حڪمران پاڻ آهن، جنهن جي سزا وري عوام کي ڏني پئي وڃي. هن پيٽروليم مصنوعات جي وڌندڙ قيمتن تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته هنن حڪمرانن جي غلط معاشي پاليسين ۽ فيصلن جي ڪري غريب مسڪين عوام هڪ وقت جي ماني جو گرهه کائي نٿو سگهي. روزمرہه جي استعمال جون شيون ايتريون ته مهانگيون ٿي ويون آهن جو هاڻي اهي عام ماڻهن اوتري قوت خريد ناهي رهي. هڪ طرف ملڪ جي اندر بيروزگاري تيزي سان وڌي رهي آهي ته ٻئي طرف حڪمران پيٽرول، بجلي ۽ ڊيزل جا اگهه وڌائي ملڪ جي ننڍڙين انڊسٽريز کي وڌيڪ خساري ۾ وجهي ڇڏيو آهي، جنهن سان اڃان بيروزگاري وڌندي جنهن سبب بک، بيروزگاري ۽ بدحالي ۾ ماڻهو خودڪشيون ڪندا يا وري ڏوھه ڪندا. ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي وڌيڪ چيو ته ملڪ جي عدالتن کي هن قسم جي فيصلن جو نوٽيس وٺڻ گهرجي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close