اسلام آباد :وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آءِ ايم ايف سان معاهدي جي روشني ۾ پيٽروليم شين جا اگهه وڌائڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو نه هو. ڪالهه پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم چيو ته ٻارڻ جا اگهه وڌڻ جي اثرن کان چڱي ريت آگاهه آهيون پر آءِ ايم ايف سان معاهدي تحت اهو اڻٽر هو. هن چيو ته آءِ ايم ايف معاهدي تي پي ٽي آءِ حڪومت صحيحون ڪيون هيون ۽ اسان پي ٽي آءِ جي آءِ ايم ايف سان ڊيل جي تفصيلن تي جلد قوم کي اعتماد ۾ وٺنداسين. سندس چوڻ هو ته انشاءَالله اسان ڏکين معاشي حالتن مان نڪري اينداسين. هن چيو ته مان حيران آهيان ته جن ماڻهن آءِ ايم ايف سان بدترين معاهدا ڪيا ۽ بدترين معاشي فيصلا ڪيا، انهن ۾ سچ کي منهن ڏيڻ جي همت نه آهي، قوم جي بدحالي جا ذميوار ڪيئن پاڻ کي بيگناهه ثابت ڪندا؟ تفصيل جلد پڌرا ڪيا ويندا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close