اسلام آباد : ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته عمران خان چئي رهيو آهي ته هي سياسي معاملو آهي، ڊي جي آءِ ايس پي آر کي ڳالهائڻ جي ضرورت ناهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر وٽ ثبوت آهن، هو پنهنجي طور نٿو ڳالهائي. خط جو معاملو سياسي هو ته پي ٽي آءِ وارا اُن کي قومي سلامتي ڪميٽي ۾ ڇو کڻي ويا؟ عمران خان پنهنجي سياست چمڪائڻ لاءِ ملڪ جي سلامتي ۽ سيڪيورٽي ادارن کي به داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي.
ڪالهه اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ ۽ آءِ ايم ايف ۾ ٿيل معاهدي جي پاسداري نه ڪريون ته ملڪ جو ڏيوالو نڪري وڃي ها. پي ٽي آءِ جي معاهدي تحت اڄ پيٽرول جو اگهه 300 رُپيا في لٽر هجي ها، شهباز حڪومت پيٽرول تي پنهنجي طرفان هڪ پئسو به ناهي وڌايو.
هن چيو ته عمران خان ويندي ويندي جيڪا تباهي مچائي ويو، ان مان نڪرڻ لا مهينا يا سال لڳي ويندا. ملڪ کي موجوده حالتن تائين عمران خان پهچايو آهي، اسان جي مجبوري آهي. جيڪڏهن آءِ ايم ايف سان معاهدو ٽوڙيون ٿا ته پاڪستان جو ڏيوالو نڪري ويندو. اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي ڏيهه واپسي واري معاملي تي نواز شريف جي بيان بابت سندس چوڻ هو ته نواز شريف انساني حقن جي بنياد تي پرويز مشرف بابت بيان ڏنو هو. هن وڌيڪ چيو ته منهنجي اڳيان نواز شريف کي 1999ع ۾ ڪراچي جي عدالت ۾ ٻه ڀيرا عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي. مان ان عدالت ۾ موجود هئس، کيس اٽڪ جي قلعي ۾ ڦٽو ڪيو ويو ۽ جلاوطن ڪيو ويو. هو پنهنجي والد جي آخري رسمن ۾ شرڪت نه ڪري سگهيو، ان وقت حڪمران مشرف هو. مشرف جنهن اسٽيج تي آهي نه اُٿي ٿو سگهي نه ويهي ٿو سگهي. نواز شريف اهڙو بيان ڏئي وڏي دل جو مظاهرو ڪيو آهي. جڏهن ته نواز شريف حڪومت جو حصو ناهي، هن ذاتي حيثيت ۾ اها ڳالهه ڪئي آهي. هن چيو ته عمران خان ۽ سندس جعلي جماعت لاءِ اڪيلي کوڙ آهيان، عمران خان هڪ مهيني تائين راڻا ثناءُ الله کان ڊڄي وڃي پشاور ۾ لڪي ويهي رهيو. لانگ مارچ جو سڏ لاءِ ليڊ ڪرڻو پوندو آهي، ماڻهن جي ٻچن کي اڳيان ڇڏي انقلاب ناهي ايندو. عمران خان خلاف هڪ ٻئي پٺيان ڪرپشن جا اسڪينڊل سامهون اچي رهيا آهن. هن پاڪستان جي تاريخ جا سڀ کان وڏا ڌاڙا هنيا پر اهي ڳاليهون لڪنديون نه، ان تي ڪيسز ٺهندا ۽ ٺهڻ گهرجن. مريم نواز چيو ته چونڊون پنهنجي وقت تي ٿينديون، سخت فيصلن کانپوءِ ملڪ کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ وقت گهربل آهي، پاڪستان مقرر وقت تي چونڊن ڏانهن ويندو. ليگي اڳواڻ چيو ته منهنجو اڄ به بيانيو ووٽ کي عزت ڏيو آهي ۽ اڳتي به پڻ رهندو. ن ليگ کي بيسياکين جي ضرورت ناهي، اها ضرورت فتني خان کي هئي، کيس بيساکيون مليون، اهي بيساکيون جيستائين هيون سندس حڪومت هلي. جيئن ئي بيساکيون هٽيون هو منهن ڀر وڃي ڪريو. ن ليگ عوام جي قوت تي يقين رکي ٿي، عوام جي خدمت ڪندي آهي ۽ فيصلي لاءِ عوام ڏانهن ويندي آهي.
مريم نواز