اسلام آبادپاڪستان

ايف بي آر کي موبائيل سم،بجلي ۽ گيس ڪنيڪشن بلاڪ ڪرڻ جو اختيار

اسلام آباد : سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ٽيڪس چورن خلاف گھيرو تنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪندي ايف بي آر کي سمورا اختيار ڏئي ڇڏيا آهن، جنهن تحت نان فائلرز جا بجلي ۽ گيس ڪنيڪشن ۽ موبائيل سمون بلاڪ ڪيون وينديون. ايڪسپريس نيوز موجب سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس سينيٽر سليم مانڊوي والا جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ فنانس بل پيش ڪرڻ تي اعتراضن تي غور ڪيو ويو. نئين فنانس بل ۾ نان فائلرز جو گهيرو تنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪندي ايف بي آر کي بنيادي خدمتن کي ختم ڪرڻ جو اختيار ڏئي ٿو. فيڊرل بورڊ آف روينيو موجب جيڪي ماڻهو مقرر تاريخ تائين پنهنجا ٽيڪس گوشوارا جمع نه ڪرائيندا، انهن جي موبائل سم بلاڪ ڪري انهن جا بجلي ۽ گئس ڪنيڪشن ڪٽيا ويندا. اها سهولت کيس ٻيهر ريٽرن فائل ڪرڻ لاءِ فراهم ڪئي ويندي. ايف بي آر جي ترجمان چيو ته لاڳاپيل شخص جو نالو موبائل فون، بجلي ۽ گيس ڪمپني کي موڪليو ويندو ته جيئن ان خلاف ڪارروائي کي يقيني بڻائي سگهجي. جڏهن ته سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي نان فائلرز خلاف گھيرو تنگ ڪرڻ جي حمايت ڪري ڇڏي. ٻئي طرف سينيٽر سليم مانڊوي والا چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪو به ايف بي آر ريٽرن جي ڊيڊ لائن کي سنجيده نٿو وٺي. ٽيڪس ريٽرن کي ڪنهن به وقت جمع ڪرائڻ جي اجازت ڏني وڃي. موبائيل سمز بلاڪ ڪرڻ جي حمايت ڪندي هن چيو ته جڏهن ويڪسينيشن نه ڪرائيندڙن جي موبائيل سمز کي بلاڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ته اسپتالن ٻاهران لائينون لڳي ويون، اميد آهي ته هي قدم به ڪامياب ٿيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button