پاڪستانسنڌ

سنڌ ٽيچرس ڪوآرڊينيشن ڪاميٽي جو مطالبن جي مڃتا لا ڌرڻي جو اعلان

حيدرآباد: سنڌ ٽيچرس ڪوآرڊينيشن ڪاميٽي مطالبن جي مڃتا لاءِ 29 جون تي ڪراچي پريس ڪلب سامهون ڌرڻي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ سنڌ ٽيچرس ڪوآرڊينيشن ڪاميٽي جو هڪ اجلاس حيدرآباد پريس ڪلب ۾ اجلاس ڪوٺايو ويو. اجلاس ۾ مختلف ضلعن ۽ تعلقن جي استادن شرڪت ڪئي.اجلاس بعد سنڌ ٽيچرس ڪوآرڊينيشن ڪاميٽي جي مرڪزي آرگنائيزنگ ڪميٽي جي ممبرن عمران جوڻيجو، ميڊم انيتا خان، صادق مهيري، ارشد مشوري ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته گذريل 7 جون تي حڪومت مطالبن جي مڃتا جو يقين ڏياري احتجاج ختم ڪرايو پر 15 ڏينهن گذرڻ باوجود حڪومت طرفان ڪو به جواب نه آيو آهي.

هنن چيو ته اسان جو 13 نقاطي چارٽر آف ڊمانڊ پيش ڪيو ويو آهي جنهن ۾ 2001 جي استادن کي 14 گريڊ ۾ ترقي، پي ايس ٽي جي ايس ٽي ايڇ ايس ٽي جي پروموشن، 2001 ۾ ڀرتي ٿيل استادن کي ڀرتي واري تاريخ کان ريگيولر ڪرڻ، ڪورٽ جي حڪم مطابق گروپ انشورنس جي ادائگي، يا سي ٽي، جي ايس ٽي ۽ اين ٽي ايس جي رهيل استادن کي ريگيولر سميت ٻيا مطالبا شامل آهن. هنن حڪومت کي مڃتا لاءِ 28 جون جي تاريخ ڏيو ٿا جيڪڏهن انهي تاريخ تائين مطالبا تسليم نه ڪيا ويا ته 29 جون تي ڪراچي پريس ڪلب سامهون مطالبن جي مڃا تائين ڌرڻو هنيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button