حيدرآباد: حيدرآباد جي سائٽ واري علائقي جمالي ڳوٺ جي رهواسي پيرسن محمد ذاڪر بلوچ ۽ نورجهان بااثر قبضي مافيا پاران زبردستي گهر تي قبضي ڪرڻ خلاف ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪيو. هنن چيو ته ڪجهه عرصو اڳ غلام نبي گڏاڻي ۽ خان محمد کان 17 هزار عيوض پلاٽ خريد ڪيو هو. رقم ادا ڪرڻ باوجود ڄاڻايل ماڻهن کين تشدد ڪري گهر تي قبضو ڪري ورتو آهي. هنن ڊي آئي جي حيدرآباد، ايس ايس پي حيدرآباد کي اپيل ڪئي ته ڄاڻايل مامري جو نوٽس وٺي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close