اسلام آباد : قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ تي بحث دوران ميمبرن تيل جي قيمتن ۾ واڌ ۽ مهانگائي خلاف احتجاج ڪيو. جڏهن ته غربت گهٽايو بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرپرسن سائرا بانو احتجاجن پنهنجو سرڪاري فيول ڪارڊ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ واپس جمع ڪرائي ڇڏيو. جمعي تي قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت ۾ ٿيو. سائرا بانو چيو ته مزدور ۽ رڪشا ڊرائيور آپگهات ڪرڻ تي مجبور آهن. ايتري ۾ فيول ڪارڊ پاڻ وٽ ڪيئن رکي سگهان ٿي. مولانا عبدالاڪبر چترالي چيو ته چترال ۾ هائڊرو پاور پراجيڪٽ آهي، اتي به لوڊشيڊنگ جو مسئلو آهي. گهٽ ۾ گهت چترال جي ماڻهن کي بجلي ته ملڻ گهرجي. هن چيو ته اپر چترال ۾ 18 کان 20 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي. اسپيڪر رولنگ ڏي ته پيسڪو عملدارن چترال سان معاهدو ڪن. اسپيڪر پارلياماني معاملن واري وزير کي توانائي وزير جي سامهون معاملو اٿارڻ جي هدايت ڪئي. شگفتا جماڻي چيو ته موجوده حڪومت بجيٽ پيش ڪئي ته تنقيد شروع ڪئي وئي ته دفاع لاءِ وڌيڪ بجيٽ رکي وئي ۽ تعليم لاءِ گهٽ. هن چيو ته تنقيد ڪرڻ کان اڳ سوچڻ گهرجي ته اوهان جي دور ۾ جيڪو تعليم جو حال ڪيو ويو، ان کي به ڏسو زراعت لاءِ هن بجيٽ ۾ جيڪي مراعتون ڏنيون ويون آهن اهي ساراهه جوڳيون آهن. هن چيو ته ديني مدرسن کي ملندڙ بجيٽ جو آڊٽ به ٿيڻ گهرجي. انهن ديني مدرسن کي جديد تعليمي سهولتن سان تيار ڪرڻ گهرجي. چونڊون سياسي حل ضرور ٿي سگهن ٿيون پر معاشي حل نه آهي. نيب قانون سياسي ماڻهن کي ختم ڪرڻ لاءِ ٺاهيو ويو، هن ملڪ جي مسئلن جو حل ٽيڪنوڪريٽس وٽ نه پر سياستدانن وٽ آهي. مير منور ٽالپر چيو ته اڳوڻي حڪومت پوڻن چئن سالن ۾ ڪجهه نه ڪري سگهي. اسان جو فوڪس زراعت تي هئڻ گهرجي ڇو ته اسان زرعي ملڪ آهيون. سنڌ ۾ 15 کان 16 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي. نااهل حڪومت هاڻي به اسٽيبلشمينٽ جو سهارو وٺڻ چاهي ٿي. فهيمدا مرزا چيو ته پيٽرول جي قيمت لاڳيتو وڌي رهي آهي. دعويٰ ڪئي وئي هئي ته قيمت نه وڌائينداسين، ماڻهن پنهنجا رڪشا باهه ڏئي ساڙي ڇڏيا آهن جيڪي سندن روزگار جو ذريعو هئا. ايئن ته ماڻهو آپگهات ڪرڻ شروع ڪندا. هن چيو ته جي ڊي اي جي هڪ ميمبر پنهنجو پيٽرول ڪارڊ واپس ڪري ڇڏيو آهي. ڊاڪٽر فهميده مرزا چيو ته اميد آهي ته هر وزير به پيٽرول ڪارڊ واپس ڪندو ڇو ته هو ان جي قيمت پاڻ ادا ڪري سگهن ٿا. نور عالم خان چيو ته منهنجي آفيس ۾ چانهه بسڪيٽ جو خرچ پنهنجي کيسي مان ٿئي ٿو. هن چيو ته منهنجي گاڏي ۾ پيٽرول پنهنجي کيسي مان ئي وڌو وڃي ٿو. مان ته سرڪاري گاڏي استعمال نه پيو ڪريان ڇو ته اها پراڻي آهي. اسان ماضي جي حڪمرانن کان وڌيڪ محنت ڪري رهيا آهيون عمران جي حڪومت جو آءِ ايم ايف سان ڪو معاهدو هجي ته ايوان ۾ آندو وڃي، مفتاح اسماعيل بيان بازي ڪندو رهي ٿو پر ايوان ۾ نٿو اچي. قومي اسيمبلي جو اجلاس سومر ڏينهن شام 4 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close