ننگرپارڪر: ننگرپارڪر جي ڳوٺ سانڪڙ ۾ 30 سالن جي عورت رتني ٻائي زال ٽيڪم ڪولهي گهر اندر ڦاھو کائي انت آڻي ڇڏيو. خودڪشي ڪندڙ عورت جي وارثن موجب رتني 5 معصوم ٻارن جي ما آهي. گذريل رات زال مڙس ۾ تڪرار ٿيو، زال چيو ته آئون پٽاٽن جي ڀاڄي نه کائينديس، سندس مڙس ماني کائي رات جو ڊيم تي مزدوري لا روانو ٿي ويو، پويان رتني ٻائي آپگهات ڪري ڇڏيو. هوڏانهن ڏانوڌاندل پوليس لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close