سنڌ

تنگواڻي مان چور پروفيسر جي گهر کي ٻهاري ويا، احتجاج

تنگواڻي مان چور پروفيسر رضا محمد باجڪاڻي جي گهران سولر پليٽ، بيٽري، يو پي ايس ۽ ٻيو سامان کڻي ويا. اهڙي واقعي تي شهرين پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي رضا محمد باجڪاڻي، محمد عالم، سليمان باجڪاڻي چيو ته ايس ايڇ او تنگواڻي راڻو مهر جي نااهلي سبب چوري ۽ ڦرن جي وارداتن ۾ اضافو ٿي رهيو آھي، ان لا شهري سخت پريشان آهن، جڏهن ته پوليس ننڊ ستل آھي. اطلاع ڏيڻ باوجود پوليس واردات واري هنڌ نه پهتي. هنن ڊي آ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي ڪشمور کان مطالبو ڪيو ته جوابدار گرفتار ڪري چوري ٿيل سامان واپس ڏياريو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button