سنڌ

نئون ديرو ويجهو ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر سبب نوجوان فوت

نئون ديرو ويجهو ماهوٽا ٿاڻي جي حد ميتلا باءِ پاس وٽ ٻن موٽرسائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر جي نتيجي ۾ نئون ديرو واسي مظهر علي ميراڻي سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي علائقي واسين زخمي حالت ۾ کڻائي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن زخمي نوجوان جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. ان موقعي تي فوتي جي وارثن ٻڌايو اسان جو نوجوان نئون ديرو کان لاڙڪاڻي اچي رهيو هو ته رستي ۾ حادثو پيش آيو جنهن ۾ فوت ٿي ويو آهي. ٻئي طرف ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button