اسلام آباد :پاڻي وسيلن واري وفاقي وزير خورشيد شاهه چيو آهي ته پوڇڙ تي پاڻي پهچائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ جي ڊي اي جي ميمبر ڊاڪٽر فهميده مرزا جي نڪتن جو جواب ڏيندي خورشيد شاهه چيو ته پاڻي جي کوٽ هڪ مسئلو آهي ۽ ان تي روزاني گڏجاڻي به ٿيندي آهي ته پوڇڙ تائين پاڻي پهچايو وڃي. هن چيو ته ڪوٽڙي بيراج ۾ 10 هزار ڪيوسڪ پاڻي آهي. هن چيو ته اسان تي الزام آهي ته سنڌ وارا بلوچستان کي پاڻي نٿا ڏيون، دريا ڪابل ۾ هن وقت 20 کان 21 هزار ڪيوسڪ پاڻي آهي. جيتوڻيڪ انهن ڏينهن ۾ اتي 40 هزار ڪيوسڪ تائين پاڻي هوندو آهي. خورشيد شاهه چيو ته پوڇڙ تائين پاڻي پهچائڻ لاءِ سنڌ جي آبپاشي واري وزير سان ڳالهائينداسين.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close