سنڌ

گري لسٽ مان نڪرڻ جو ڪريڊٽ بلاول ڀٽو ڏانهن ويندو:شرجيل ميمڻ

سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ علي زيدي جي پريس ڪانفرنس تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته پي ٽي آ جي نا سمجهھ ماڻهن کي سفارتي ادبن جي خبر ئي ناهي. ايف اي ٽي ايف جو آفيشل اعلان ٿيو ئي ناهي. هي ماڻهو صبح کان پاڪستان کي گري لسٽ مان ڪڍڻ جو ڪريڊٽ کڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. اطلاعات واري صوبائي وزير چيو ته سندن انهن حماقتن ڪري دوست ملڪ پاڪستان کان ناراض ٿي ويا هئا. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اتحادي حڪومت ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي اڻ ٿڪ محنت رنگ لاتو آهي ۽ پاڪستان کي گري لسٽ مان ڪڍڻ جا واضح امڪان آهن. صوبائي وزير چيو ته اسان کي سفارتي ادبن جو خيال رکندي آفيشل اعلان جو انتظار ڪرڻ گھرجي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته جيڪڏهن گري لسٽ مان ڪڍڻ جو اعلان ٿيندو ته ان جو سمورو ڪريڊٽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي ويندو. صوبائي وزير چيو آهي ته پي ٽي آ اين اي 240 تان پنهنجي هار کي ڏسي ڀڄي وئي. کين اميدوار ئي نه مليو، الزام لڳائڻ، ڪوڙ کي سچ ۾ مٽائڻ لاءِ بونگيون مارڻ پي ٽي آ اڳواڻن جي عادت بڻجي وئي آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته حقيقي ۽ جمهوري ۽ عوامي مارچ پاڪستان پيپلز پارٽي کان سواءِ ڪو به نٿو ڪري سگھي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اسلام آباد مارچ ۾ هزارين ڪارڪن شامل هئا. ڪراچي کان اسلام آباد تائين ننڍي وڏي شهر ۾ بلاول ڀٽو زرداري جو لکين ماڻهن گرم جوشي سان استقبال ڪيو، جيڪو سڀني ڏٺو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پي ٽي آ جو لانگ مارچ جمهوري نه پر اسلام آباد تي حملو ڪرڻ هو، جنهن کي اتحادي حڪومت ناڪام بڻائي ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button