سنڌ

وزيراعظم ڪردار ادا نه ڪيو ته سنڌ ڏڪار جي لپيٽ ۾ اچي ويندي:اسماعيل راهو

سنڌ جي ماحوليات ۽ يونيورسٽين واري وزير محمد اسماعيل راهو ڊزرٽيفڪيشن ۽ ڏڪار کي منھن ڏيڻ جي عالمي ڏينهن تي جاري ڪيل پيغام ۾ چيو آھي ته پاڻي کوٽ سبب سنڌ ۾ چانورن جي پوک جو سيزن تيزي سان ختم ٿي رهيو آهي، پاڪستان چانورن جي برآمد مان 2 ڏهائي 5 ارب ڊالر ساليانو ڪمائي ٿو، جنهن جو 80 سيڪڙو حصو سنڌ مان اچي ٿو، پاڻي کوٽ سبب لاڙڪاڻي ڊويزن سميت بدين، ٺٽي، سجاول ۽ ٽنڊو محمد خان ۾ هڪ ايڪڙ به چانور جي پوکي نه ٿي سگهي آھي. ھن جمعي ڏينھن پنھنجي جاري بيان ۾ وڌيڪ چيو ته موسمياتي تبديلين ۽ پاڻي جي کوٽ سبب بدين، ٺٽو ۽ سجاول سميت ڏکڻ سنڌ ڏڪار جي لپيٽ ۾ اچي ويا آهن، ، جنهن سبب سنڌ جي اڪثر علائقن ۾ زرعي زمينون رهائشي ڪالونين ۾ تبديل ٿي رهيون آهن. اسماعيل راھو اڳوڻي حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته عمران خان جي دور ۾ سنڌ سان پاڻي جي ورڇ ۾ وڏي نا انصافي ٿي آهي، پاڻي هجڻ جي باوجود به سنڌ کي پنهنجي حصي جي پاڻي کان محروم رکيو ويو، وزيراعظم پاڻي جي منصفاڻي ورڇ لاءِ ڪردار ادا نه ڪيو ته سنڌ ڏڪار جي لپيٽ ۾ اچي ويندي. اسماعيل راھو چيو ته سنڌ ۾ جر واري پاڻي جي سطح تيزي سان هيٺ لهي رهي آهي، جر ڪڙو ٿي ويو آهي، پاڪستان جي آبادي جو وڏو حصو ماحول جي تحفظ ۽ افاديت کان بيحد لاتعلق آهي، جنهن لاءِ حڪومتي سطح تي آگاهي مهم هلائڻ جي سخت ضرورت آهي، سنڌ ۾ پاڻي کوٽ سبب انبن، ڪپهه، ڪمند ۽ چانور جا فصل سڙي ويا، آلودگي سبب ڌرتيءَ جو ماحول تيزي سان تبديل ٿي رهيو آهي ۽ پاڻي جا ذخيرا گهٽجي رهيا آهن، جنهن ڪري ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿي رھي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button