سنڌ

پيرڳوٺ ۾ ڦر واقعي خلاف شاگردن جو احتجاجي مظاهرو

گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج پيرڳوٺ جي شاگرد محمد سرور عباسي کان موٽر سائيڪل ڦر ۽ تشدد واري واقعي خلاف شاگردن ڪاليج جي گيٽ ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. احتجاج ڪندڙن محمد سرور عباسي، ثمير گل، محمد ڇٽل ۽ ٻين چيو ته ڪاليج ڏانهن پيپر ڏيڻ لا ايندڙ محمد سرور عباسي کي هٿياربندن هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي موٽرسائيڪل ڦر ڪئي، مزاحمت ڪرڻ تي کيس سخت تشدد جو نشانو بڻايو. هنن چيو ته اسان پيپر ڏيڻ لا ڪاليج اچون ٿا ته پر رستي ۾ شاگردن کي يرغمال بڻائي موٽرسائيڪل توڙي ٻيو سامان ڦرلٽ ڪرڻ بعد کين تشدد جو نشانو بڻايو وڃي ٿو. اهڙي صورتحال ڪري شاگرد غير محفوظ بڻيل آهن. پيرڳوٺ پوليس به خاموش تماشائي بڻيل آهي. هنن گهر ڪئي ته ڦر ڪيل موٽر سائيڪل واپس ڪرائي تحفظ فراهم ڪيو وڃي، ٻئي صورت ۾ امتحان جو بائيڪاٽ ڪري ايس ايس پي خيرپور آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button