ميهڙ: ميهڙ انڊس ها وي ڪولاچي موري ڀرسان مختلف ڳوٺن جي آبادگارن پاران زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف اسماعيل سومرو، عمران گهانگهرو، حامد گهانگهرو، ارسلان ڪولاچي، علي شير گانگهرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن سبب لاڙڪاڻو کان ڪراچي ايندڙ ويندڙ سوين گاڏيون بيهجي ويون. ڌرڻي دوران پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي، جڏهن ته اطلاع تي ميهڙ، ڪي اين شاھه ۽ راڌڻ سميت 6 کان وڌيڪ ٿاڻن جي پوليس ڌرڻي واري هنڌ پهتي ته پوليس ۽ آبادگارن وچ ۾ چڪريون ٿي پيون، چڪرين دوران پوليس آبادگارن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لا هوائي فائرنگ ڪئي، جنهن سبب علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو. جڏهن ته ڏنڊا ۽ سروٽا لڳڻ ڪري ايس ايڇ او خيرپورناٿن شاھه اڪبر چنو، ايس ايڇ او اي سيڪشن ميهڙ اقبال ڪانڌڙو، ميهڙ بي سيڪشن ٿاڻي جي وڏو منشي خدا بخش زرداري سميت 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ٻي پاسي مڇريل مظاهرين وڏي منشي غلام حسين سهاڳ ۽ زخمي ٿيل وڏو منشي بي سيڪشن ميهڙ خدا بخش زرداري سميت 6 پوليس اهلڪارن کي هڪ دڪان ۾ بند ڪري ڇڏيو، جنهن کان پو پوليس جي وڌيڪ نفري گهرائي وئي. ان موقعي تي آبادگارن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اريگيشن کاتي جا آفيسر رشوت وٺي رائيس ڪئنال جو پاڻي بند ڪري ٻين واهن کي ڏئي رهيو آهي، رائيس ڪئنال ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ سبب هزارين ايڪڙ آباد زرعي زمين بنجر بڻجي رهي آھي. هنن چتا ڏنو ته جيستائين رائيس ڪئنال ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ ختم نه ڪئي وئي ته احتجاج جاري رهندو. هوڏانهن ايس ڊي او اريگيشن ظھور احمد بوزدار، اسسٽنٽ ڪمشنر خيرپورناٿن شاھه سونو چانڊيو، ڊي ايس پي ميهڙ وحيد احمد بيگ، ڊي ايس پي ڪي اين شاھه يونس رودناڻي ۽ ٻين آبادگارن سان ڳالهيون ڪري رائيس ڪئنال ۽ ان مان نڪرندڙ سمورن شاخن ۾ 10 ڏينهن اندر پاڻي پهچائڻ جي خاطري ڪرائڻ بعد ڌرڻو ختم ڪرايو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close