پاڪستان

اتر وزيرستان ۾ ڪارروائي، دهشتگرد مارجي ويو، هڪ جوان شهيد

راولپنڊي: اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ هڪ دهشتگرد مارجي ويو جڏهن ته هڪ اهلڪار شهيد ٿي ويو آهي. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب اتر وزيرستان جي علائقي ميران شاهه ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ جي نتيجي ۾ هڪ دهشتگرد مارجي ويو. آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگرد جي سڃاڻپ ضياءَ الله طور ٿي آهي جنهن جي قبضي مان هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو وي آهي. آءِ ايس پي آر موجود فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ چارسده سان واسطو رکندڙ لانس نائيڪ زاهد احمد شهيد ٿي ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button