سنڌ

سجاول ۾ نوجوانن جو اسٽيڊا ٽريننگ ۾ شامل نه ڪرڻ خلاف مارچ

سجاول تعلقي کي اسٽيڊا ٽريننگ ۾ شامل نه ڪرڻ خلاف نوجوانن سجاول برانچ موري کان پبلڪ پارڪ سجاول تائين پيادل مارچ ڪيو. جنهن ۾ سجاول تعلقي جي اميدوارن سماجي اڳواڻ حبيب اللہ رانٽو، معشوق ٻگهيو، اعجاز گهوٽو، اسلم هالو، راشد خاصخيلي، سهيل ميمڻ احمد جماري، رميز ميمڻ ۽ ٻين چيو ته سجاول ضلعو سڀ کان پوئتي پيل ۽ سھولتن کان وانجھيل ضلعو آھي، نوجوان بيروزگاري سبب سخت پريشان حال بڻيل آھن، سجاول ضلعي کي اوليت جي بنياد تي ترجيح ڏني وڃي. ھنن چيو ته حڪومتي پاليسي تحت سجاول جي اميدوارن کي به اسٽيڊا ٽريننگ پاليسي ۾ شامل ڪيو وڃي ته جيئن نوجوانن مان مايوسي ختم ٿي سگھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button