قمبر جي ڳوٺ لئو ميرجت جاگير جي رهواسين محمد علي چانڊيو جي آزادي لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي عظيمان خاتون، شوڪت چانڊيو، حب علي چانڊيو، عبداللطيف چانڊيو، توفيق چانڊيو ۽ ٻين چيو ته محمد علي چانڊيو کي بيگناهه کنڀي گم ڪيو آهي، جيڪو ٻن مهينن کان گم آهي، جنهن جي آزادي لاءِ ڪيتري ئي عرصي کان پرامن احتجاج ڪري رهيا آهيون پر هن وقت تائين محمد علي چانڊيو جو ڪوبه ڏس پتو ناهي پئجي سگهيو. هنن چيو ته محمد چانڊيو جو ڪنهن به سياسي تنظيم سان واسطو ناهي، جيڪڏھن انهن مٿان ڪو ڪيس آهي ته کيس عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. هنن چتاءُ ڏنو ته محمد علي کي ٻن ڏينهن اندر آزاد نه ويو ته قمبر لاڙڪاڻو روڊ تي ڌرڻو هڻنداسين.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close