پاڪستانسنڌ

مقصودورند ۽ شهدادپور ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن جا ڌرڻا

مقصودو رند/ شهدادپور: لنڊو شاخ ۾ پاڻي جي ھٿرادو کوٽ خلاف آبادگارن شهدادپور ۽ مقصودورند ۾ ڌار ڌار مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا. هنن گهر ڪئي ته شاخ ۾ پاڻي ڏئي انصاف ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ مقصودو رند لڳ لنڊو شاخ جي آبادگارن محبوب علي جکرو،اياز زرداري، ذوالفقار نمبردار ۽ ٻين لنڊو-مقصودو رند روڊ بند ڪري احتجاجي مظاهرو ڪري آبپاشي عملدارن خلاف سخت نعريبازي ڪئي. آبادگارن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آبپاشي عملدارن جي نااهلي سبب لنڊو شاخ ۾ ڪافي عرصي کان پاڻي ناھي. مٿي علي بحر واھه پاڻي مان ڦاٽي پيو، پر لنڊو شاخ ۾ پاڻي ناھي، اھا آبپاشي عملدارن جي نااهلي آھي، جنھن سبب اسان وونئڻن جي پوکائي به ناھيون ڪري سگھيا، اسان جون زرعي زمينون بنجر بڻجي ويون آهن ۽ چوپايو مال اڃ وگھي مري رھيو آھي، اسان کي لکين رپين جو مالي معاشي نقصان ٿي رهيو آهي. ھنن وڌيڪ چيو ته آبپاشي عملدارن کي 24 ڪلاڪ ڏيون ٿا، جيڪڏھن پاڻي نه آيو ته اسان مين ريلوي ٽريڪ کي بند ڪنداسين، جنھن جا ذميوار آبپاشي عملدار ھوندا. هنن سپريم ڪورٽ ۽ وڏي وزير کان گهر ڪئي ته نااھل آبپاشي عملدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪري شاخ ۾ پاڻي جي ھٿرادو کوٽ ختم ڪرائي وڃي. هوڏانهن لنڊو شاخ تي پڇڙي جي سوين آبادگارن ٽائرن کي باهيون ڏئي بخشڻ ڀنڀرو، وڏيري عبدالرحمان ڇٽو، منٺار لغاري ۽ سومر ڀنڀرو جي اڳواڻي ۾ 4 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو، جنهن سبب روڊ جي ٻنهي پاسن گاڏين جون وڏيون قطارون لڳي ويون. ان موقعي تي آبادگارن چيو ته آبپاشي ڪامورن 2 ڏينهن اڳ لڳل ڌرڻو ختم ڪرائي شاخ ۾ پاڻي کولي وري بااثر ڌرين جي چوڻ تي پاڻي بند ڪري ڇڏيو، جيڪو ظلم ڪيو آهي. ڪرپٽ ڪامورو هٿ وٺي زرعي معيشت کي تباهه ڪري رهيو آهي. نااهل ڪاموري کي هٽائي لنڊو شاخ ۾ پاڻي کولي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button