سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ موٽرسائيڪل جي ٽڪر ۾ پينو فقيرياڻي سخت زخمي

لاڙڪاڻي جي اسٽيشن روڊ تي تيز رفتار موٽرسائيڪل جي ٽڪر ۾ 45 ورهين جي فقيرياڻي زرينا ڀيل سخت زخمي ٿي پئي، جنهن کي چانڊڪا اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو ۽ موٽرسائيڪل سوار کي پوليس سوگهو ڪري ورتو. ان حوالي سان زخمي ٿيل فقيرياڻي زرينا ڀيل ٻڌايو ته آءُ نياڻي سان خيرات وٺڻ لاءِ اسٽيشن روڊ سان وڃي رهي هيس ته موٽرسائيڪل سوار ٽڪر هڻي زخمي ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ ڄنگھه ڀڄي پئي آهي. هن چيو ته اسان غريب آهيون پني پيٽ گذر ڪندا آهيون. ٻئي طرف موٽر سائيڪل سوار شاهد حسين عمراڻي ٻڌايو ته موٽرسائيڪل جو مستري آهيان، دڪان تي وڃي رهيو هيس ته اوچتو پينو فقيرياڻي روڊ ڪراس ڪيو ۽ ٽڪر ۾ هوءَ زخمي ٿي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button